حاصل النهج

حاصل النهج

حاصل النهج

حاصل النهج (ڪتاب): حاصل النهج ڪتاب نامور عالم مخدوم جعفر بوبڪائيءَ جو لکيل آهي. مخدوم صاحب جو واسطو تعليم سان رهيو آهي. سندس ڪيترائي ڪتاب تعليم ۽ طريقه تعليم تي لکيل آهن. تعليم جي طريقي (Methodology of Education) تي هڪ عربي ڪتاب تيار ڪيائين. هي سنڌ جو پهريون ڪتاب آهي جنهن ۾ ’تعليم ڏيڻ‘ بابت تفصيل سان لکيو ويو. هن کان اڳ تعليم تي انهي دؤر ۾ ڪنهن عالم ڪو نه لکيو آهي. سندس مروج ڪيل تعليمي اصول اڄ به قابلِ عمل آهي. مصر جي الازهر يونيورسٽيءَ ۾ هي ڪتاب ڪورس تي رکيل آهي. جيڪو سال 1969ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شايع ڪيو ويو هو، ان جو سنڌي ترجمو مولانا عبدالرسول قادري ساڳئي نالي سان ڪيو، جيڪو سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري، سال 1993ع ۾ شايع ڪيو.


لفظ حاصل النهجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو